لوڪل گورنمنٽ کاتي کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ لاءِ جاڳرتا مهم شروع

لوڪل گورنمنٽ کاتي کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ لاءِ جاڳرتا مهم شروع

حيدرآباد (ن س) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ لوڪل گورنمنيٽ کاتي کي هيٺين سطح تائين وڌيڪ بااختيار بنائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرائڻ لاءِ جاڳرتا مهم شروع ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر ، ايم پي اي حسنين مرزا، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ، عارف جتوئي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو پاران بھتر لوڪل نظام لاء ھڪ ترميم عوام لاء جي عنوان ھيٺ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي.اڳواڻن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته بھتر لوڪل نظام جي لاء ھڪ ترميم عوام لاء ٿيڻ گھرجي ، انتظاميه جي ھيٺين سطح تي منتقلي لاء بھتر بلدياتي نظام ضروري آھي ، سنڌ جو ڪو به نمائندو صوبي جي ورھاڱي جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندو، عوام جي مرضي جي خلاف وڃي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي جاگرافي ۾ تبديلي ڪئي وئي ته خون خرابو ٿيندو ، ڪو به طاقتور صوبن جي ٽوڙي نه ٿو سگھي، ڪھڙا ٽيڪس وفاق ۽ ڪھڙا صوبن وٽ ھجڻ گھرجن اھو طئي ٿيڻ گھرجي، اھڙو وقت ايندو ملڪ کي جمھوريت جي پٽڙي تي آڻڻو پوندو، ان معاملي تي ملڪ ۾ ھن وقت ڳالھائيڻ جي شروعات ٿيڻ گھرجي، ھن وقت ملڪ ۾ جمھوريت چاھيون ٿا ، مھاجر به اوترا ئي سنڌھي آھن پر شرط اھو آھي ته ھو به سنڌ جي ثقافت جو احترام ڪن .اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مڪاني نظام جي تجويز عوام آڏو رکڻ لاءِ هي سلسلو شروع ڪيو آهي، پاڪستان م جيتري مرڪزيت وڌي رهي ايترو ئي ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي، مرڪزيت جو نتيجو اهو آهي ته پنجاب جي 5 سالا بجيٽ ۾ 91 سيڪڙو حصو لاهور تي خرچ ڪيو ويو، اهڙي طرح سنڌ جي ضلعن اندر بجيٽ جي ورهاست غير منصفاڻي ٿي رهي آهي. هيٺين سطح تي اختيارن جي منتقلي لاءِ هڪ بهتر لوڪل گورنمينٽ سسٽم ضروري آهي. سنڌ جو ڪو به نمائندو صوبي جي ورهاڱي جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندو.اسد عمر چيو ته 1947 سنڌ م اردو ۽ گجراتي ڳالهائيندڙ آيا اهي به سنڌي آهن ۽ انهن جو هن صوبي ۾ ٻين جيترو ئي حق آهي. سمورا اختيار صوبن کان وٺڻ اصول جي خلاف آهي اسان ائين نٿا چاهيون پر ڪهڙي هنڌ اسڪول قائم ٿيندو ان ۾ ڪهڙو استاد مقرر هئڻ گهرجي اهڙا اختيار لوڪل حڪومت وٽ هئڻ گهرجن ملڪ کي جمهوريت جي پٽڙي تي آڻڻ جي ضرورت آهي. انهي مسئلي تي هاڻي بحث شروع ٿيڻ گهرجي اختيار هيٺين سطح تائين ادارن کي معالي ۽ انتظامي اختيار ڏئي اثرائتو بڻائڻ ضروري آهي. جنهن ڪري اسان چاهيون ٿا ته لوڪل گورنمينٽ نظام جا اختيار هيٺ منتقل ٿيڻ گهرجن. جنهن لاءِ عوامي نمائندن سان گڏجي جاڳرتا مهم هلائي رهيا آهيون طاقت ۽ جبر جي بنياد تي قومن کي نٿو هلائي سگهجن. قومن کي بنيادي سهولتون ۽ ٻيا سمورا حق ڏيڻا پوندا. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪنهن به فيصلي کي عوام قبول نه ڪندي.ايس يو پي صدر سيد زين شاه جو چوڻ هو ته اسان به صوبائي خودمختياري ۽ لوڪل گورنمينٽ جي اختيارين جي هٺين سطح منتقلي چاهيون ٿا، پر سنڌ جي وحدايت، وسلين ۽ خودمختياري تي ڪو به ڪمپرومائيز ڪونه ڪيو ويندو. سنڌ جي پاڻي، معدني وسيلن جي مالڪي ۽ مڪمل اختيار صوبي کي هئڻ گهرجن، وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب بلوچستان جي صورتحال خراب آهي، وفاقي حڪومت مخالف اٿارٽيون ٺاهي صوبن کي 18 هين ترميم ۾ مليل اختيار کسي رهي آهي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حصي ۾ چيڙ ڇاڙ ڪرڻ برداشت نه ڪيو ويندو. ائين جي بنيادي شڪن تحت سمورا ادارا آزاد هجن. پر هتي سياسي سرگرميون به ڪرڻ نٿيون ڏنيون وڃن. لوڪل گورنمينٽ جي بجيٽ وڌڻ گهرجي ايس يو پي چيئرمين چيو ته صوبن کي با اختيار بڻائڻ جي ڳالھ ڪري انهن کي ڪمزور ڪرڻ صوبن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش برابر سمجهون ٿا. ترميمون ڪري عدالتن کان اختيار کسي، عوام جا بنيادي حق ختم ڪيا ويا آهن صوبن جي تاريخي حيثيت کي برقرار رکندي ڀلي ترميمون ڪيون وڃن. جيڪڏھن ملڪ م ٻيو سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي نه لوڪل گورنمينٽ جي ڳاله ڪجي، لوڪل گورنمينٽ جا اختيار وڌائڻ گهرجن، بجيٽ به وڌڻ گهرجن پر صوبن ۽ قومن جا بنيادي حق ملڻ گهرجن. اڳوڻي ايم پي اي حسنين مرزا جو چوڻ هو ته لوڪل گورنمينٽ جا اختيار هيٺين سطح تائين ٿيڻ گهرجن، سنڌ سميت چئني صوبن ۾ متحرڪ لوڪل گورنمينٽ نظام لاڳو ناهي ڪيو ويو. نئين صوبائي لوڪل گورنمينٽ قانون م عمل ٿيڻ تائين 11 ڀيرا ترميمون ڪيون ويون. اليڪشن ٿيڻ کانپوءِ ترميم ڪري ميئر چوندرائڻ جي شڪن ۾ تبديلي ڪئي وئي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته درسي نصاب نظام تبديلي جا اختيار صوبن کي ڏنا وڃن. لوڪل گورنمينٽ جي نظام ۾ بهتري چاهيون ٿا پر وسيلن سان مالا مال سنڌ جي ماڻهن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. حالت اها آهي ته اسان چئو ٿا انڊس ريور سسٽم ۾ پاڻي ڪونهي هي چون ٿا 6 ڪئنال ٺهندا واهندا پوءِ ترقي ٿيندي. هن چيو ته جعلي آدمشماري ڪرائي سنڌ جون سيٽون گهٽايو ويون سٽيزن ايڪٽ ختم ڪيو جيئن سنڌ ۾غير مقامي زمين ملڪيت خريد ڪري ن سگهن جيئن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اهو نظام لاڳو ٿيل آهي. عارف مصطفي جتوئي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪو اهڙو سياستدان ڪونهي جيڪو چوي ته لوڪل گورنمينٽ نه کپي، اسڪولن جي مرمت، استادن بدلين ۽ مقررين جا اختيار يوسي سطح تي هئڻ گهرجن،اهي اختيار ڪراچي م ويٺل سيڪريٽري وٽ نه هئڻ گهرجن. هن چيو ته ملڪ ۾ لوڪل گورنمينٽ جو اهڙو نظام هئڻ گهرجي جنهن م هر پارٽي جو نمائندو اچي سگهي، سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي اثرائتو لوڪل گورنمينٽ نظام آڻڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو