لنجار جي گهر تي حملو، جتوئي سميت ٻين تي ڪيس داخل

لنجار جي گهر تي حملو، جتوئي سميت ٻين تي ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سيد زين شاهه ۽ سردار عبدالرحيم پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران مير مرتضىٰ خان جتوئي ۽ مسرور خان جتوئي خلاف بيجا ۽ ناحق ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. اڳواڻن چيو ته هو پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪن ٿا ته مير مرتضىٰ جتوئي ۽ مسرور خان جتوئي خلاف داخل ٿيل من گهڙت ۽ ڪوڙين ايف آءِ آرز جو نوٽيس وٺي کين انصاف مهيا ڪيو وڃي. جي ڊي اي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي، جيڪا هاڻ عوامي حمايت کان وانجهيل ٿي چُڪي آهي، هاڻ پنهنجو ذهني توازن به وڃائي ويٺي آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته مورو ۾ پوليس جي ڏاڍائي ۽ سياسي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، جنهن جي جي ڊي اي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، ڇو ته اها سمجهي ٿي ته اهو سڀ ڪجهه هڪ سازش تحت ڪيو ويو ته جيئن زرداري ليگ پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف هلندڙ پرامن تحريڪ کي سبوتاژ ڪري سگهجي. اڳواڻن چيو ته هٿين خالي سياسي ڪارڪنن ۽ عام شهرين تي پوليس گوليون هلائي کين شهيد ۽ زخمي ڪيو، پر ان جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضىٰ خان جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور خان جتوئي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن جي جي ڊي اي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. جي ڊي اي قيادت جو چوڻ هو ته سندن اڳواڻ يا ڪارڪن مورو جي تشدد واري واقعي ۾ ملوث نه آهن، پر زرداري ليگ جي حڪومت پاران سنڌ ۾ فسطائيت جي حڪمت عملين سان سڄي سنڌ جي عوام کي پيپلز پارٽي خلاف مزاحمت ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي….موري ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر تي حملي ۽ باهه ڏيڻ جي واقعن تي موري ۾ ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ سياسي اڳواڻن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. پ پ تعلقي صدر دوست علي سولنگي جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ 29 سڃاتل ۽ 45 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰٰ جتوئي، سندس ڀاءُ مسرور احمد جتوئي، باز محمد سيال، اعجاز لغاري، غازي لغاري سميت ٻين کي چرچ ڏيندڙ جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب، لنجار هائوس تي هٿياربندن لٺين، ڏنڊن، سروٽن، پٿرن ۽ مختلف آٽوميٽڪ هٿيارن سان حملو ڪيو، جوابدار چوندا رهيا ته کين غلام مرتضيٰٰ جتوئي، مسرور جتوئي، باز محمد سيال ۽ ٻين جو حڪم آهي ته لنجار هائوس کي ساڙيو وڃي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حملي دوران لنجار هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، باهه ڏني وئي ۽ موجود ملازمن کي پڻ ڌمڪيون ڏنيون ويون. ان کانسواءِ حڪومت جي طرفان به هڪ الڳ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 14 سڃاتل ۽ 30 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو