لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه ۾ گرمي جي لهر برقرار

لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه ۾ گرمي جي لهر برقرار

ڪراچي (ن س )لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ۾ گرمي جي شدت برقرار آهي،لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه سميت سنڌ جي ميداني علائقن ۾ گرم هوائون هلڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن ڪري گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي،ٻئي طرف، اونهاري ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي،ڳوٺن ۾ 12 کان 20 ڪلاڪ ۽ شهري علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي،موسميات کاتي موجب، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ 18 اپريل تائين گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي،ان دوران، آزاد ڪشمير ۾، گليشيئر پگھلڻ سبب دريائن ۽ ندين ۾ پاڻي جي سطح وڌي رهي آهي، جنهن ۾ نيلم درياءَ به شامل آهي،ايس ڊي ايم اي ممڪن برسات کي نظر ۾ رکندي شهرين کي احتياطي هدايتون جاري ڪيون آهن،پنجاب جي شهرن ۾ به گرمي جي لهر جاري آهي،موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ علائقن ۾ انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو