لاڙڪاڻي ۾ امتحان اڱاري کان شروع ٿيندا، 181 مرڪز قائم، مانيٽرنگ سخت

لاڙڪاڻي ۾ امتحان اڱاري کان شروع ٿيندا، 181 مرڪز قائم، مانيٽرنگ سخت

لاڙڪاڻو (پ ر)بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين محترم خالد حسين مهر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 8 اپريل کان شروع ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحان لاءِ بورڊ پاران 181 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن،جنهن ۾ 112735 شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحان ڏيندا،امتحانن جي مانيٽرنگ لاءِ بورڊ ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جون 36 وجلنس ٽيمون قائم ڪيون ويون آهن،امتحانن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊائريڪٽر سيڪنڊري اسڪول ايجوڪيشن جي تعاون سان ڪمپلين سيل قائم ڪيو ويو آهي،جيڪو مستقل امتحانن جي نگراني ڪندو رهندو،هن وڌيڪ چيو ته امتحاني سينٽر ۾ ڪاپي ۽ موبائل فون جو استعمال روڪڻ انٽرنل ۽ ايڪسٽرنل سپريٽنڊنٽس جي ذميواري آهي،پنهنجي ذميواري پوري نه ڪندڙن خلاف قانون موجب سخت قدم کنيو ويندو،ان موقعي تي معزز استاد صاحبان خاص ڪري انٽرنل ۽ ايڪسٽرنل سپريٽنڊنٽس کي هدايتون ڏيندي چيو ته سوالي پيپر ( Question papers) جي ليڪيج کي هر سطح تي روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت ڪاروائي لاءِ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي لکيو ويندو ۽ ڪوتاهي ڪندڙن جون ڊيوٽيون پڻ ختم ڪيون وينديون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو