لائيو اسٽاڪ پاران پوري صوبي ۾ ويڪسينيشن مهم جو فيصلو

لائيو اسٽاڪ پاران پوري صوبي ۾ ويڪسينيشن مهم جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ اڄ کاتي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پوري صوبي ۾ وڏي پيماني تي ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ کي ڊويزنل سطح تي ٽيمون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ڊي جي لائيو اسٽاڪ رفيق احمد ميمڻ، ڊائريڪٽرز، ڊپٽي ڊائريڪٽرز ۽ کاتي جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي ۾ مال مويشي ۽ آبادگارن بابت کاتي پاران جاري ڪيل پاليسين ۽ حڪمت عملين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ مختلف ضلعن ۾ ملازمن جي کوٽ ۽ ويڪسين جي موجوده اسٽاڪ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته کاتي جي آفيسرن تي مشتمل مختلف ڪميٽيون ٺاهيون وينديون جيڪي ڊويزنل سطح تي پنهنجن لاڳاپيل ضلعن ۾ ويڪسينيشن مهم شروع ڪنديون. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هر آفيسر پنهنجي علائقي ۾ ويڪسينيشن مهم جي 100 سيڪڙو مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائي ۽ ان حوالي سان روزانو صبح جو مون کي رپورٽ ملڻ گهرجي. مان ذاتي طور تي ويڪسينيشن مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف ضلعن جو دورو ڪندس. هن چيو ته اسان سڄي صوبي ۾ جانورن جي ويڪسينيشن مهم شروع ڪري رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته جون تائين 10 لک جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسينشن مڪمل ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو