لائونچنگ ۾  ناڪامي، جاپان پنهنجو راڪيٽ پاڻمرادو تباهه ڪري ڇڏيو

لائونچنگ ۾ ناڪامي، جاپان پنهنجو راڪيٽ پاڻمرادو تباهه ڪري ڇڏيو

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)جاپان جي ايرو اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي چيو آهي ته لانچ دوران ايڇ-3 راڪيٽ جي ٻي انجڻ ناڪام ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ڪنٽرول روم مان سيلف ڊسٽرڪٽ ڪمانڊ موڪلي راڪيٽ کي تباهه ڪيو ويو.جاپان ايرو اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي پاران ٽن ڏهاڪن جي ڪوششن کانپوءِ وچولي وزن وارو ايڇ 3 راڪيٽ تيار ڪيو ويو، جنهن جي لانچ ۾ ناڪامي کي جاپاني حڪومت افسوسناڪ قرار ڏنو آهي.H3 راڪيٽ جاپاني انجنيئرن پاران تيار ڪيو ويو آهي، خلائي ايڪس جي Falcon 9 راڪيٽ جي سستي متبادل طور تي عوامي ۽ نجي سيٽلائيٽ کي ڌرتيءَ جي مدار ۾ لانچ ڪرڻ لاءِ چيو پيو ويو،جاپاني ايجنسي موجب انجنيئرن گذريل ڏينهن مانيٽرنگ سيٽلائيٽ سان 57 ميٽر ڊگهو راڪيٽ خلا ۾ موڪلڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون هيون پر ان جي لانچ ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ انجنيئرن راڪيٽ کي پاڻمرادو تباهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهن کي ان تي مجبور ڪيو ويو .

پهنجو تبصرو موڪليو