ڀارت تي فضائي، زميني، سفارتي ۽ تجارتي پابنديون لڳائڻ جو اعلان

ڀارت تي فضائي، زميني، سفارتي ۽ تجارتي پابنديون لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ قومي سلامتي ڪميٽي  جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال، خاص طور تي 22 اپريل 2025 تي ڀارتي غيرقانوني والار يل ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ ڦلگام حملي جي پسمنظر ۾ غور ڪيو ويو. ڪميٽي سياحن جي جانين جي زيان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي، 23 اپريل 2025 تي ڀارت پاران ڪيل اعلانن جو جائزو ورتو ۽ انهن کي يڪطرفو، غيرمنصفاڻو، سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ  لاءِ بيحد غير ذميوار ۽ قانوني جواز کان خالي قرار ڏنو.

قومي سلامتي ڪميٽي هيٺين نڪتن تي زور ڏنو:

  • ڪشمير، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اڻڄاتل تڪرار آهي، جنهن کي گڏيل قومن جي ڪيترين ئي ٺهرائن ۾ تسليم ڪيو ويو آهي.
  • پاڪستان ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکي ٿو.
  • ڀارتي رياستي ظلمن، رياستي حيثيت جي خاتمي، سياسي ۽ آباديءَ جي جوڙجڪ جي چالاڪين سبب والاريل ڪشمير  جي عوام ۾ هڪ قدرتي ردعمل پيدا ٿيو آهي، جيڪو پرتشدد چڪرن کي جنم ڏئي ٿو.
  • ڀارت ۾ اقليتن، خاص طور تي مسلمانن، خلاف منظم ظلم وڌي رهيو آهي. وقف بل کي زبردستي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش، ڀارتي مسلمانن کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي گهرجي ته اهڙن ڏکوئيندڙ واقعن کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي خواهش تي قابو رکي، ۽ پنهنجي ناڪاميءَ جو ذميوار پاڻ کي سمجهي. بيان موجب پاڪستان دهشتگرديءَ جي هر شڪل ۽ اظهار جي مذمت ڪري ٿو. دنيا جي فرنٽ لائن رياست طور پاڪستان انسداد دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ وڏيون انساني ۽ معاشي قربانيون ڏنيون آهن. ڀارتي ڪوششون، جيڪي پاڪستان جي اوڀر سرحدن تي صورتحال کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، انسداد دهشتگرديءَ جي پاڪستاني ڪوششن کي ڌيان کان هٽائڻ جي هڪ سازش آهن. بنا ڪنهن مستند جاچ ۽ قابل تصديق شاهدي جي، ڦلگام حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جون ڪوششون بي بنياد، غير منطقي ۽ مڪمل طور تي بي معنى آهن. ڀارت جو پراڻو بيانيو، پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي واڌاري ۾ پنهنجي ئي ڪردار کي نه ٿو لڪائي سگهي، ۽ نه ئي والاريل ڪشمير  ۾ جاري رياستي سرپرستي هيٺ ظلم ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ تان ڌيان هٽائي سگهي ٿو. ڀارتي دعوائن جي ابتڙ، پاڪستان وٽ ڀارت پاران پاڪستان ۾ اسپانسر ڪيل دهشتگرديءَ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، جن ۾ ڀارتي بحريه جو موجوده آفيسر ڪمانڊر ڪلڀوشن يادوو جي اعترافي بيان به شامل آهي، جيڪو ڀارت جي رياستي سطح جي دهشتگرديءَ جو زنده شاهد آهي. قومي سلامتي ڪميٽي، 23 اپريل 2025 جي ڀارتي بيان ۾ شامل امڪاني خطري تي افسوس جو اظهار ڪيو. عالمي برادريءَ کي ڀارت جي رياستي سطح تي ٻين ملڪن ۾ قتلن يا انهن جي ڪوششن کان خبردار رهڻ گهرجي. اهي ڏوهاري عمل بين الاقوامي قانون جي واضح ڀڃڪڙي آهن، جن کي پاڪستان ٻين ملڪن سان گڏجي ناقابل ترديد شاهدي سان ظاهر ڪيو آهي. پاڪستان، ذميوارن، منصوبابندن ۽ عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪندو ۽ انصاف کي يقيني بڻائيندو. پاڪستان جي خودمختياري ۽ ماڻهن جي سلامتيءَ کي لاحق ڪنهن به خطري کي هر ميدان ۾ سختيءَ سان جواب ڏنو ويندو. ڀارت کي گهرجي ته هو ڦلگام جهڙن واقعن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ الزام تراشيءَ واري روش کي ترڪ ڪري. اهڙيون حرڪتون صرف خطي ۾ تڪرار وڌائين ٿيون ۽ امن جي راه ۾ رنڊڪ بڻجن ٿيون. ڀارتي رياستي ڪنٽرول هيٺ ميڊيا جي بيحد غير ذميوار جنگي بيانيي کي، جيڪو علائقائي عدم استحڪام وڌائي ٿو، انتهائي مذمت جوڳو قرار ڏنو ويو، جنهن جي حوالي سان سنجيده سوچ جي ضرورت آهي.

قومي سلامتي ڪميٽي هيٺيان فيصلا ڪيا:

  • پاڪستان ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ واري اعلان کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو. هي معاهدو عالمي قانون تحت عالمي بئنڪ جي سرپرستيءَ هيٺ ٿيل پابند معاهدو آهي، جنهن ۾ هڪطرفو معطلي جو ڪو به جواز ناهي. پاڻي پاڪستان جي 240 ملين عوام لاءِ حياتيءَ جو سرچشمو آهي ۽ ان جي دستيابي کي هر قيمت تي محفوظ بڻايو ويندو. معاهدي موجب پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ يا موڙڻ جي ڪوشش کي جنگي عمل سمجهيو ويندو ۽ ان جو مڪمل قومي طاقت سان جواب ڏنو ويندو.
  • ڀارت جي بي پرواهي ۽ بين الاقوامي معاهدن، گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ قانونن جي لتاڙ کي نظر ۾ رکندي، پاڪستان سڀني ٻه طرفن معاهدن (جن ۾ شمله معاهدو به شامل آهي) کي معطل رکڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، جيستائين ڀارت دهشتگرديءَ جي حمايت، ملڪ پار قتل ۽ ڪشمير بابت ٺهرائن جي ڀڃڪڙيءَ کان باز نٿو اچي.
  • پاڪستان واھگھ بارڊر کي فوري طور بند ڪري ٿو. ڀارت سان هر قسم جي آمد و رفت معطل ڪئي وئي آهي. جيڪي ماڻهو صحيح دستاويزن سان گذريا آهن، سي 30 اپريل 2025 تائين واپس ٿي سگهن ٿا.
  • پاڪستان، ڀارتي شهري لاءِ SAARC ويزا معافي اسڪيم تحت جاري ڪيل سڀ ويزا فوري طور رد ڪري ٿو، سواءِ سِک مذهبي ياترين جي. موجوده ڀارتي شهري، جيڪي پاڪستان ۾ آهن، انهن کي 48 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سواءِ سِک ياترين جي.
  • ڀارتي دفاعي، بحريه ۽ هوائي صلاحڪارن کي “ناپسنديدہ شخصيت” قرار ڏئي، 30 اپريل 2025 تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. انهن جا سپورٽ اسٽاف به واپس ڀارت موٽايا ويندا.
  • ڀارتي هاءِ ڪميشن اسلام آباد ۾ اسٽاف جي تعداد 30 تائين محدود ڪئي وئي آهي، لاڳو تاريخ 30 اپريل 2025.
  • پاڪستان جي فضائي حدن کي ڀارتي ملڪيت يا هلندڙ جهازن لاءِ فوري طور بند ڪيو ويو آهي.
  • ڀارت سان هر قسم جي واپار، بشمول ٽئين ملڪن ذريعي ٿيندڙ واپار، کي فوري طور معطل ڪيو ويو آهي.
  • قومي سلامتي ڪميٽي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ان جون مسلح فوجون ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ پنهنجي خودمختياري ۽ سرزميني سالميت جو دفاع ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت ۽ تياري رکن ٿيون، جيئن فيبروري 2019 جي ڀارتي مداخلت تي مضبوطي سان ڏنل جواب مان ظاهر ٿيو.

نتيجو:

ڀارت جي جنگي روش، ٻن قومي نظريي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي خدشن کي صحيح ثابت ڪيو آهي، جيئن 1940 جي پاڪستان ريزولوشن ۾ بيان ڪيل آهي، جيڪا اڄ به سڄي پاڪستاني قوم جي جذبات جو عڪس آهي. پاڪستاني قوم امن جي پابند آهي، پر پنهنجي خودمختياري، سلامتي، وقار ۽ ناقابل منتقلي حقن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي.

. ڦلگام واقعو ۽ ڀارتي پابندين جو تفصيل پڙهو، هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو