قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو، شهرين جو احتجاج

قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو، شهرين جو احتجاج

گلاب لغاري (ن سنڌيار)سنڌ جي تاريخي ماڳ ۽ علائقي جي قديم قبرستان اندر موجود قبرن جي لتاڙ ۽ کوٽائي ڪري مبينا بيحرمتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.تاريخي ماڳ اندر غير قانوني اڏواتن لاء کوٽائي ۽ تنبو اڏڻ خلاف شھرين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جو ضلع انتظاميا بدين خلاف ائڊووڪيٽ  محمد حسن لغاري اشرف لغاري اياز لغاري ميان غلام رسول قريشي محمد ايوب مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو غلام علي گلاب لغاري موڙ کان پريس ڪلب تائين بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪندي تاريخي ماڳ ۾  قبرن جي بي حرمتي ۽ قبضا مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ ۽ تاريخي ماڳ بچائڻ جو مطالبو ڪيو انهيَ موقعي تي هنن چيو ته ضلع انتظاميا تاريخي ماڳ ۾ لتاڙ قبرن جي کوٽائي ۽ غير قانوني قبضن خلاف نوٽيس وٺي  قبضا ختم ڪرائي ٻي صورت ۾ ڪو به اڻوندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو جنهن جي ذميواري انتظاميا تي ھوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو