افغانين جي واپسي لاءِ عارضي طور طورخم بارڊر کوليو ويو

افغانين جي واپسي لاءِ عارضي طور طورخم بارڊر کوليو ويو

خيبر (ويب ڊيسڪ)طورخم سرحد ڪراسنگ 20 ڏينهن کان پوءِ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين جي نيڪالي لاءِ ٻيهر کوليو ويو.سوين افغان پناهگير پنهنجي وطن واپس وڃڻ لاءِ طورخم سرحد تي پهتا، جڏهن ته، طورخم سرحد ذريعي واپار ۽ پيادل آمدورفت بند رهندي.خيبر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر بلال شاهد جي مطابق، ملڪ ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ طورخم سرحد ڪراسنگ ٻيهر کوليو ويو آهي. هن وقت، سوين افغان پناهگير طورخم اميگريشن سينٽر پهچي چڪا آهن ۽ اميگريشن عملو ضروري ڪارروائي کان پوءِ انهن کي افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي.ڊپٽي ڪمشنر بلال شاهد جو چوڻ آهي ته سرحد ڪراسنگ ايندڙ اطلاع تائين واپار ۽ پيادل آمدورفت لاءِ بند رهندي.ڊپٽي ڪمشنر جي مطابق، پاڪ-افغان تڪرار جي ڪري 11 آڪٽوبر تي طورخم سرحد ڪراسنگ هر قسم جي آمدورفت لاءِ بند ڪئي وئي هئي.يو اين ايڇ سي آر جي ترجمان قيصر خان آفريدي جي مطابق، 8 آڪٽوبر تائين، 615,000 غير قانوني افغان شهرين کي طورخم ذريعي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو