عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن کي پوليس بچائي ورتو

عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن کي پوليس بچائي ورتو

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور۔ڪشمور پوليس سنڌ جي مختلف شھرن مان عورتاڻي آواز تي گھرائي  دوکي سان اغوا ٿيندڙ پنجن ڄڻن کي بچائي ورتو اغوا کان بچي ويلن جو تعلق سنڌ جي مختلف شھرن سان آھي جن کي جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ھيو۔ پوليس ذريعا۔۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ايس ايس پي ڪشمور جي ترجمان پاران ميڊيا کي جاري ڪيل پريس ريليز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ڪچي ۾ رھندڙ جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ طرفان سنڌ جي مختلف شھرن مان پنجن ڄڻن کي ڌوڪي سان عورتاڻي آواز تي  گھرائي کين مبينه اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٽيليفون جي جديد ٽريسنگ واري نظام سان ناڪام بڻايو ويو آھي۔ اغوا ٿيندڙن ۾ شھيد بي نظير آباد جو رھواسي عاشق علي۔ راڻيپور جو رھواسي علي بخش۔ ڪوٽ لالو جو رھواسي خادم حسين۔ خيرپور جو رھواسي عزيز الله ساريو ۽ ڪراچي واسي امجد خان پٺاڻ شامل آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو