عمران خان پاڪستان جي عزت خاڪ ۾ ملائي: شهباز شريف

عمران خان پاڪستان جي عزت خاڪ ۾ ملائي: شهباز شريف

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حلف کڻڻ وقت مون کي علم نه هو ته پاڪستان جي معيشت ايڏي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان جو ڏيوالو ٿي رهيو آهي پر حڪومت ڪوششن سان ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو.ڊيرا اسماعيل خان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترائي چئلينج هئا ۽ پوءِ ٻوڏ تباهي آندي، خاطري ٿو ڪرايان ته جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجي گهرن ۾ واپس نٿا وڃن سک سان نه ويهنداسين.هن چيو ته گذريل حڪومت پاڪستاني معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، عمران خان پاڪستان جي عزت خاڪ ۾ ملائي، پاڪستان جي جيتري بي توقيري گذريل حڪومت ڪئي، اڄ تائين ڪنهن نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام ۽ ان ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل اجلاس گهرائي رهيو آهيان ۽ سمورا وسيلا استعمال ڪندي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين ته جيئن پاڪستان ۾ ٻيهر امن قائم ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو