ٽنڊو ڄام (ن س) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير براءِ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جي اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ منهنجي حيدرآباد ۾ مختلف وفدن سميت ٽرانسپورٽ جي عملدارن سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ هيوي ٽريفڪ سميت ٻين سمورن مسئلن تي ڳالهيون ٿيون آهن . هن چيو ته ڪراچي ۾ ورلڊ بينڪ جي وفد سان اجلاس منعقد ٿيو، جتي انهن کي سنڌ پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي ورلڊ بينڪ جي نمائندن اسانجي منصوبي جي تمام گهڻي تعريف ڪئي. راول هائوس، ٽنڊوڄام ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ پروجيڪٽ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن تحت 21 لک گهر تعمير ڪيا ويندا. پهرين مرحلي ۾ 7 لک گهر ٺهي چڪا آهن. اپريل ۾ سنڌ حڪومت جو نالو هن منصوبي جي بدولت گينز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ٿي ويندو، ڇو ته سنڌ هڪ آفت کان پوءِ هي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏهن ڪروڙين 2022 جي برساتن ۾ ماڻهو متاثر ٿيا هئا، تہ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي ويژن ۽ خدمت جي جذبي سان انهن جي بحالي جو ڪم ڪيو. سنڌ حڪومت جو هي منصوبو دنيا جي تاريخ جو هڪ عظيم منصوبو بڻجڻ وارو آهي، ۽ ان کي عالمي سطح تي ايوارڊ به مليا آهن، جيڪو پاڪستان لاءِ اعزاز واري ڳالهه آهي. هر پاڪستاني کي فخر هوندو ته هي منصوبو اسان شروع ڪيو آهي. 21 لک گهرن جو مطلب آهي ڪروڙين خاندانن جي ڪفالت. اسان وٽ خواتين ۽ مردن جا اهي انگ اکر به موجود آهن، جن کي ان گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن. هن پاڪستان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو ته هي اها جماعت آهي، جنهن هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کي نقصان پهچائي. 9 مئي تي ڪراچي، حيدرآباد سميت ملڪ ۾ جيڪي دهشتگردي جا واقعا پيش آيا، اهي عمران خان جي سازش هئي. هن چيو ته جنهن ڏينهن عمران خان کي سزا ڏني وئي، ان ڏينهن ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ احتجاج نه ٿيو. هن چيو ته سندس دور ۾ عمران خان جنهن کي به چاهيندو هو ته اهو ايندڙ ڏينهن تي گرفتار ٿي ويندو هو جڏهن ته ٻئي طرف ثاقب نثار جهڙن ماڻهن عمران خان جو ساٿ ڏنو ۽ پوءِ هڪ نام نهاد ڊيم ٺاهڻ جي مھم شروع ڪئي، جنهن سان عوام کي نقصان پهتو. تحريڪ انصاف پوري قوم کي بيوقوف بڻايو. عمران خان چيو ته ان کي سائفر جي ذريعي حڪومت کان هٽايو ويو، پر اصل ۾ هو پاڪستان کي تباهه ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو هو، الله ان جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن عمران خان ٻين ملڪن کان مدد گهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪوبه مثبت جواب نه مليو، تہ هو هاڻي انهن سياسي جماعتن ڏانهن ڏسي رهيو آهي، جن کي هو ماضي ۾ گاريون ڏيندو هو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن قربانيون ڏئي هن ملڪ ۾ پنهنجو مقام بڻايو آهي. ايتري ظلم جي باوجود به اسانجي ڪنهن به رهنما پاڪستان جي سالميت خلاف ڳالهه نه ڪئي. صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پاڪستان جي بقا جو نعرو لڳائي ثابت ڪيو ته پاڪستان سڀ کان پهريان آهي. اسانجي چيئرمين بلاول ڀٽو به اهو ئي چون ٿا ته جمهوريت ئي سڀ کان بهتر انتقام آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان وفاقي حڪومت جي ڪيل وعدن ۾ ڪجهه اهڙا آهن، جيڪي نه هجڻ گهرجن ها. اسان چاهيون ٿا ته اسانجا هاري فائدو حاصل ڪن ۽ انهن کي سندن فصل جو جائز منافعو ملي. اسان چاهيون ٿا ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تي نظرثاني ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت ڪوشش ڪندي ته ڪڻڪ جي قيمتن کي مقامي انتظاميه جي ذريعي ريگوليٽ ڪيو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته انڊس هاءِ وي نہ صرف سنڌ پر پوري ملڪ لاءِ فائديمند آهي، ۽ هن منصوبي جي تڪميل نه ٿيڻ سان ملڪ کي معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. وفاق کي اڌ رقم 7 ارب رپيا ڏيڻ جي باوجود به هي منصوبو مڪمل نه ٿيو آهي. هن چيو ته پوليس ۽ وڪيلن جي وچ ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڳالهين جو جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، ڇو ته وڪيل اسانجا ڀائر آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪنهن به جماعت کان خوف نه آهي، ڇو ته جڏهن چونڊون اينديون آهن، تہ سڀ جماعتون هڪ ٿي پيپلز پارٽي خلاف ٿي وينديون آهن. هن چيو ته اميد آهي ته چيمپئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيڻ وارو ميچ ان شاءَ الله پاڪستان ئي کٽندو.










