عمران تي حملو ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ هئا،حملي آور کي تربيت ڏني وئي هئي: چيما

عمران تي حملو ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ هئا،حملي آور کي تربيت ڏني وئي هئي: چيما

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گهرو صلاحڪار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر سرفراز چيما دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان تي حملو ڪندڙ جوابدار کي باقاعده ٽريننگ ڏني وئي هئي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر سرفراز چيما چيو ته جوابدار نويد تربيت يافته حملي آور آهي، عمران خان تي حملي وقت هڪ کان وڌيڪ شوٽر هئا، جاچ ۾ ڪيترا حملي آور هئا، جلد سامهون اچي ويندو.هن وڌيڪ چيو ته پولي گراف ٽيسٽ ۾ پڌرو ٿيو ته جوابدار جي چوڻ ۾ ڪا به سچائي ناهي، هينئر تائين جي جاچ ۾ ثابت ٿيو آهي ته عمران خان تي حملو سوچيل سمجهيل سازش جو حصو آهي، پولي گراف ٽيسٽ موجب جوابدارن جو چوڻ آهي. ڪجهه چيو هن ڪوڙ ڳالهايو، جوابدار کان پڇيو ويو ته هن ٽريننگ ورتي آهي ۽ ٽيسٽ ۾ ريٽنگ مائنس هئي. عمر سرفراز چيما چيو ته اسان کي لانگ مارچ روڪڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، حڪومت طرفان عمران خان تي حملي جي مذمت نه ڪئي وئي، ن ليگ اڳواڻ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيا، اسان جو مطالبو آهي ته جي آءِ ٽي جي حمايت ڪئي وڃي.پنجاب جي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جاچ کانپوءِ ئي معلوم ٿيو ته جوابدار اڪيلو نه هو، جوابدار نويد لاهور ڇڏي پنجن ڏينهن کانپوءِ وزيرآباد پهتو، عمران خان جو گارڊ گولي نه پر گولي لڳڻ سان مارجي ويو، سڪيورٽي گارڊن وٽ هٿيار به آهن. فرانزڪ ٽيسٽ ۾ ڪليئر ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو