شڪارپور(ن س) شڪارپور ۾ 11 سالن جي ڇوڪري جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي. پوليس موجب، والدين جي اطلاع تي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ موجب پوليس گذريل مهيني اغوا ٿيل 11 سالن جي ڇوڪري جي بازيابي لاءِ ڪچي جي ڪوٽ شاهو علائقي ۾ آپريشن شروع ڪيو آهي.ڪليم ملڪ چيو ته آپريشن دوران گهر گهر تلاشي ورتي پئي وڃي ته جيئن اغوا ٿيل ڇوڪري کي محفوظ طريقي سان بازياب ڪرائي سگهجي.پوليس موجب، ڇوڪري جي اغوا جو ڪيس 8 اپريل تي ڪراچي جي اورنگي ٽائون علائقي ۾ ڇوڪري جي پيءُ جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته مختلف رخن تي جاچ جاري آهي ۽ ڇوڪري جي جلد بازيابي لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.










