سڊني (م ڊ) آسٽريليا جي مشهور ڪرڪٽ آل رائونڊرشين واٽسن بگ بيش ٽي 20 ليگ مان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر هن جو چوڻ آهي ته هو دنيا ۾ ٿيندڙ اهم ليگز ۾ حصو وٺندو رهندو. 37 سالن جي شين واٽسن تقريبا ٻه ڏهاڪا ڪرڪٽ کيڏي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو. هن 2016 ۾ انٽرنيشنل ڪرڪٽ تان ريتائرمينٽ ورتي هئي ۽ سندس چوڻ آهي ته هو خاندان سان گهڻو وقت گذارڻ چاهي ٿو. سڊني ٿنڊر جو ڪپتان رهيو ۽ پنهنجي ٽيم جو واحد رانديگر آهي جنهن 1000 کان وڌيڪ رنز ٺاهيون. هن سڊني ٿنڊرلاءِ 62 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي. جڏهن ته موجوده آءِ پي ايل ۾ چنائي سپر لاءِ53 بالن تي 96 رنز ٺاهيون. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ انٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪٽ جي 700 ميچز ۾ 25000 رنز اسڪور ڪيون. سدائين مرڪندي نظر ايندڙ ڪرڪٽ جي دنيا جي هن هيرو جا مخالف به مڃيندا آهن ته ساٿي رانديگرن سان هن جو رويو شفتقت ڀريو رهيو ۽ ڊريسنگ روم ۾ ڪڏهن ڪنهن سان جهيڙو نه ڪيائين.
مشهور خبرون










