شهدادڪوٽ (ن س) گوادر موٽروي روڊ شاھ وسايو ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ وين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.رپورٽ موجب شاهه وسايو ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان آصف علي مغيري ۽ نبي بخش بروهي فوت ٿي ويا پوليس موجب خضدار کان واپسي تي ڄاڻايل هنڌ وٽان حادثو پيش آيو جتي ٻئي نوجوان زخمي ٿيا هئا ، جنهن کي اسپتال آندو ويو جٿي فوت ٿيا فوت ٿيل ٻئي نوجوان وڳڻ جا رهواسي آھن، نوجوان عيد جي پڪنڪ تي خضدار ويا هئا.










