سکر ۾ چوري تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا

سکر ۾ چوري تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا

سکر: (ن س) سکر ۾ مينهن چوري ٿيڻ جي معاملي تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.پوليس موجب واقعو سکر جي علائقي روهڙي ڀرسان جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي جتي مينهن چوري ٿيڻ جي معاملي تي گذريل سال کان جهيڙو هلندو پيو اچي.پوليس موجب ڪجهه مهينا اڳ ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿي وئي هئي پر عيد جي ڏينهن ٻيهر جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ ٻار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب گذريل سال مينهن چوري جي معاملي تي شروع ٿيل تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 13 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو