ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رسول بخش پليجي جي ڀيڻ، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حورالنسا پليجو ڪراچي گلستان جوھر ۾ وفات ڪري وئي. کيس ڪجھ وقت کان ساهه ۾ تڪليف ھئي جنھن کان پوءِ کيس ڇاتي جي ڪينسر ٻڌائي وئي، حورانسا پليجو محترم رسول بخش پليجي صاحب سان تاريخي جدوجھدن ۾ شامل رھي. ون يونٽ مخالف جدوجھد، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو، ايم آر ڊي، ڪالاباغ ڊيم خلاف ھليل تاريخي جدوجھدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. حورانسا پليجو ھينئر عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر پڻ ھئي. عوامي تحريڪ پاران ٽن ڏينھن جو سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو.










