ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي، اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، آمريڪي قونصليٽ ۽ هڪ سنڌي چينل جي مالڪ تي حملي جو منصوبو جوڙيندڙ 2 دهشتگرد گرفتار، هٿيار هٿ، ناظم آباد پوليس مخبر جي رپورٽ تي ڪارروائي ڪري جوابدار اظهر الدين عرف مظهر پٽ رحيم الدين ۽ محمد گبول عرف جمشيد ادا پٽ الله رکيو کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل لساني ۽ مذهبي تنظيمن سان آهي، جوابدارن جاچ دوران انڪشاف ڪيا آهن ته هنن دهشتگردي جي ٽريننگ افغانستان مان حاصل ڪئي، هتي مختلف سياسي توڙي سماجي شخصيتن ۽ حساس هنڌن جي ريڪي پڻ ڪئي. جوابدار اظهر الدين جاچ دوران ٻڌايو ته هن 2010ع ۾ افغانستان مان دهشتگردي جي ٽريننگ حاصل ڪئي، 2013ع ۾ بنگال ايڪشن ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري غياث الدين جي ريڪي ڪئي، جنهن کي سندس ساٿين احمد ۽ عرفان قتل ڪيو، رضا نالي شخص کي به ريڪي ڪري عرفان، زبير ۽ عدنان هٿان ڪورنگي جي مدينه مارڪيٽ ۾ قتل ڪرايو. جوابدار اعتراف ڪيو ته هن ڪورنگي سئو ڪواٽر جي علائقي ۾ڪامران نالي شخص کي ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو، انهي ڪيس ۾ پنهنجن ساٿين عبيد، ذيشان ۽ زبير سميت گرفتار ٿي جيل ويو ۽ اتان ضمانت تي ٻاهر آيو. پوليس موجب جوابدار 2017 ع ۾ جيل مان فرار ٿيل ممتاز عرف فرعون ۽ احمد عرف منا کي افغانستان وٺي ويو، هن افغانستان ۾ آپگهاتي جيڪٽون تيار ڪرڻ جي سکيا حاصل ڪئي. پوليس موجب جوابدار افغانستان مان واپس اچي ڪراچي ۾ ملا منصور ۽ استاد جاويد سان گڏجي آمريڪي قونصليٽ تي حملي جي منصوبا بندي جوڙي پر آپگهاتي بمبار جي نه اچڻ تي منصوبو ناڪام ٿيو، پوليس موجب دهشتگرد گبول جاچ ۾ انڪشاف ڪيو ته هن 2010 ۾ ساٿين عبدالرزاق، قاري يعقوب مولوي منصور ۽ جهانگير سان ملي طاهر شاهه نالي شخص کي شڪارپور جي ڊکڻ روڊ تي قتل ڪيو، 2011 ع ۾ مولوي منصور، علي حيدر، ارشاد ۽ ٻين سان ملي سرڪار شاهه نالي شخص کي قتل ڪيو، هن ٻڌايو ته 2012 ع ۾ سنڌي نيوز چينل جي مالڪ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پراهو منصوبو ناڪام رهيو، 2013 ۾ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي تي آپگهاتي حملو ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو پر آپگهاتي بمبار خوف سبب ڌماڪو نه ڪري سگهيو.










