ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اٺين ڪلاس تائين جا اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز سامهون اچي وئي آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ اسڪول بند ڪرڻ بابت ٻه تجويزون سامهون آيون آهن.ذريعن موجب اجلاس دوران اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن سنڌ ۾ اٺين ڪلاس تائين جا اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ ڪجهه ميمبرن اسڪولن کي 15 ڏينهن جي لاءِ بند ڪرڻ جو چيو پر ڪجهه ميمبرن سمورا اسڪول بند ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن چيو ته نائين کان ٻارهن تائين ڪلاس جاري رکيا وڃن. جڏهن ته ان موقعي تي پرائيويٽ اسڪولز جي نمائندي اعتراض اٿاريو ته جڏهن مارڪيٽون کليل آهن ته اسڪول ڇو بند ڪيا وڃن؟هوڏانهن اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اجلاس ۾ اسڪولن کي بند ڪرڻ يا نه ڪرڻ جون 2 مختلف تجويزون سامهون آيون آهن جنهن کي اين سي او سي ۾ پيش ڪندس. هن چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ اسڪولن کي رمضان ٽائمنگ جي حوالي سان ڪا تجويز ناهي آئي. سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جي حوالي سان صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي.










