سنڌ حڪومت پاران شاگردن لاءِ آڪسفورڊ اسڪالرشپ جو اعلان

سنڌ حڪومت پاران شاگردن لاءِ آڪسفورڊ اسڪالرشپ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ڇهن ذهين ۽ ضرورت مند شاگردن کي آڪسفورڊ يونيورسٽي اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ڀٽو اسڪالرشپ پروگرام لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽي اسڪالر مرد شاگردن لاءِ ۽ ٽي شاگردياڻين لاءِ هوندا، ان کان اڳ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته سندس ماءُ کيس بدلو وٺڻ نه سيکاريو، جنهن ڪري هو چوي ٿو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي،بلاول ڀٽو چيو ته عورتن تي پابندين جي باوجود، بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي. هن پاڪستان ۾ عورتن لاءِ اڳتي اچڻ جو رستو هموار ڪيو. اڄ پنجاب جي وڏي وزير به هڪ عورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو