ڪراچي (نمائندن وٽان )سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوٽياريون ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. پٿورو ۾ ايس يو پي جي سڏ تي باب شاھ مردان شاھ آڏو قادر ڪنڀر، ڪرشن ڀيل، عرفان ڪنڀر، فيض سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. وارهه ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته هٿياربندن معمولي ڳالھه تان گوليون ھلائي ٽن ڄڻن کي قتل ۽ 18 ماڻھن کي زخمي ڪيو آھي، پر ان باوجود واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، پوليس جوابدارن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري مظلومن سان انصاف ڪيو وڃي.










