دڙو (ن سنڌيار) دڙو ۾ پ پ شھيد ڀٽو طرفان سنڌو درياھ مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ريلي/احتجاجي مظاهرو، نعرا، ڪينال ۽ سمورا سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪرڻ جي گھر، دڙو ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران سنڌو درياھ مان غير قانوني طور 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پ پ شھيد ڀٽو پاران مرڪزي اڳواڻ نثار ميمڻ، نظام لاکائي، يوسف سنڌي، اشرف پليجو، قادر بخش زئور ،انور ملاح ،رشيد آزاد سومرو، ڪامريڊ عزيز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سزوڪي اسٽاپ کان پڃاري پل چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ريلي ۾ عوامي تحريڪ، جسقم، قومي عوامي تحريڪ، ادبي سنگت سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي سنڌو درياھ سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي ان مان غير قانوني طور 6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ ۽ تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي درياھ سان هٿ چراند ڪنهن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪنداسين، ھنن چيو تہ سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سرسبز پاڪستان جي نالي تي ڌارين کي وڪرو ڪري ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي زمينن تان بي دخل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي سنڌ جو عوام اهڙي سنڌ دشمن فيصلي کي ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪندو،










