بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)نندو شھر لڳ ڳوٺ ٻڍو دستي جي ڳوٺاڻن جن ۾ عورتن ٻارڙن جو وڏو انگ شامل هو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو اسان جي ذاتي سروي زمينن تي با اثر ماڻھن قبضو ڪري اتي پهنجا پڪا گهر تعمير ڪرا يا جن جي خلاف اسان سول ڪورٽ سيشن ڪورٽ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ مان ڪيس کٽيو ۽ ڪورٽ جي حڪم تي مختيار بدين ماپ ڪري قبضو خالي ڪرائڻ لائي سر زمين تي پهو ته نندو شھر ٿاڻي جو سپاھ سميت با اثر ماڻھن جي ونگار وهندي اسان تي مختيار جي موجودگي ۾ حملو ڪري ڏنو مختيار ڪار مجبور ٿي هليو ويو ڳوٺ جي نيڪ مرد کمون دستي ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايڇ او نصر الله هاليپوٽو پنهنجي گاڏي ۾ بدين ضلع جي نامي گرامي اشتهاري ڏوهاري نظام دستي کي کڻي آيو ۽ ڳوٺاڻن کي زمين تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن هنن ڳوٺاڻن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدر آباد کان گهر ڪئي آھي ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ نندو ٿاڻي جي ايس ايڇ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان جي زمين تا ن قبضو ختم ڪرايو وڃي










