ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سرجاني ناردرن بائي پاس تي هڪ ڊمپر ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.پوليس موجب، فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ سليمان، اسامه ۽ فراز طور ٿي آهي. سليمان ۽ اسامه پيءُ ۽ پٽ آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو ۽ ڊمپر ڊرائيور حادثي کان پوءِ فرار ٿي ويو.










