سامسنگ پاران 2028 تائين چپس جي کوٽ جاري رهڻ جو انڪشاف

سامسنگ پاران 2028 تائين چپس جي کوٽ جاري رهڻ جو انڪشاف

سيئول(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي ٽيڪنالاجي ڪمپني سامسنگ اليڪٽرانڪس خميس ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته ان جي چِپ ڪاروبار جي منافعي ۾ 250 ڀيرا کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. ڪمپني عالمي ڊيٽا سينٽر هلائيندڙ وڏين ڪمپنين سان ڪيترن ئي سالن لاءِ سپلائي معاهدا پڻ ڪيا آهن ۽ چيو آهي ته عالمي سطح تي چِپس جي کوٽ وڌيڪ سنگين ٿيندي ۽ 2028ع تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
دنيا جي سڀ کان وڏي ميموري چِپ ٺاهيندڙ ڪمپني جي هن پراميد اڳڪٿي باوجود سيڙپڪارن جا خدشا ختم نه ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ⁠تہ انهن جو خيال آهي ته مصنوعي ذهانت (AI) جي بنيادي ڍانچي تي وڌندڙ خرچ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي واڌ ويجهه کي سست ڪري سگهن ٿا.
سامسنگ جا شيئر ڏينهن جي واپار جي پڄاڻي تي 0.7 سيڪڙو گهٽجي ويا، جيتوڻيڪ واپار دوران اهي 8.4 سيڪڙو تائين وڌي ويا هئا. بهرحال، سامسنگ پنهنجي حريف ايس ڪي هائنڪس (SK Hynix) کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، جنهن جا شيئر 5.6 سيڪڙو ڪري پيا.
ميراي ايسٽ سيڪيورٽيز جي مارڪيٽ تجزيه نگار ڪم سيوڪ هوان چيو ته، “هاڻي چِپ شعبي بابت جوش گهٽجي ويو آهي. سيڙپڪار اهو سوال ڪري رهيا آهن ته رڪارڊ سطح جو منافعو ڪيتري عرصي تائين برقرار رهي سگهندو.” سامسنگ جي چِپ ڊويزن هن ڀيري 70 سيڪڙو آپريٽنگ منافعي جو مارجن حاصل ڪيو، جيڪو رڪارڊ آهي.
سامسنگ ٻڌايو ته هن دنيا جي پنجن وڏن ڊيٽا سينٽر هلائيندڙ ادارن سان سپلائي جا معاهدا ڪيا آهن ۽ وڌيڪ پنج وڏين ڪمپنين سان معاهدا آخري مرحلي ۾ آهن، پر انهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا.
سامسنگ جي ميموري ڪاروبار جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر جيجون ڪم ٻڌايو ته اهي معاهدا گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن لاءِ هوندا ۽ عام طور تي انهن ۾ اڳواٽ ادائيگي ۽ گهٽ ۾ گهٽ مقرر قيمت شامل هوندي، ته جيئن سرمائيداري سيڙپڪاري جي خطري کان بچي سگهجي.
تازن مهينن دوران AI بنيادي ڍانچي جي وڌندڙ خرچن ۽ چين سان مقابلي بابت خدشن سبب چِپ ڪمپنين جا شيئر دٻاءُ جو شڪار رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو