راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي زوب ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته مقابلي دوران هڪ سپاهي به شهيد ٿي ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ژوب جي علائقي سمبازا ۾ آپريشن ڪيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب علائقي جي مسلسل نگراني ڪندي دهشتگردن جي هڪ ٽولي کي صبح جو روڪيو ويو، جڏهن دهشتگردن جي فرار ٿيڻ واري رستي کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، دهشتگرد ڪي پي ڪي ۾ دراندازي ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻ چاهيندا هئا. آءِ ايس پي آر موجب جوابي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته دهشتگردن سان مقابلي ۾ سپاهي حق نواز شهيد ۽ 2 جوان زخمي ٿي پيا.پاڪ فوج جي پبلڪ انفارميشن کاتي موجب علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي.










