خيرپور (سجاد علي ڪٻر)چتري مال روڊ تي رينجرز جي گاڏي ڀرسان ٿيل ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاء فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته 23 مارچ جي حوالي سان رينجرز جي گاڏي گشت ڪري رهي هئي ته چتري روڊ تي ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ رينجرز گاڏي ۾ سوار رينجرز اهلڪار امجد ۽ سوئيپر وجي ڪمار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته ڌماڪي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو رينجرز جي گاڏي ڀرسان ٿيو آهي، هر رخ سان جاچ ڪري رهيا آهيون.










