وڳڻ/ ٽنڊو محمد خان(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن جيان وڳڻ ۽ ٽنڊو محمد خان م رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو هي. وڳڻ شهر ۾ ڪاسائي مرغي توڙي ٻين جانورن جا هڏا ۽ ڇڇڙ روڊ تي اڇلائن ٿا جنهن سبب شهر ۾ رولو ڪتن جو آراز وڌي ويو، شهر ۾ صفائي نه هجڻ ڪري ٻهراڙين توڙي جهنگ مان رولو ڪتن جا ڪٽڪ شهر ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪت جي ڪري ڪتا ڇتا لڳا پيا آهن ٻارن توڙي وڏن کي ڏاڙهڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن. سياسي ، سماجي تنظيم جي اڳواڻ گلاب وڳڻ شرف الدين پنهور، سعيد بروهي. فقير قربان مغيري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وڳڻ شهر ۾ ڪوس گهر نه هجڻ ڪري ڪاسائي جانورن جي ڪوس روڊ تي ڪرڻ لڳا آهن، انتظاميا کي ان جو مستقل حل ڪڍڻ گهرجي. ڪجهھ مهينا اڳ وڳڻ ڀرسان قبول تيوڻو ۾ ڇتو ڪاهي پيو هو ۽ پنج ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو هو. ، جيڪي بر وقت وڳڻ ٽائون جي اسپتال ۾ آيا جتي هنن کي ڪتي جي چڪ جي ويڪسين نه ملي سگهي مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن ريفر ڪيو ويو هو.*** ٽنڊو محمد خان بلڙي شاھ ڪريم.سترموري آبادگار شگرمل ڪپورموري ملاڪاتيار.علي پور. نائون ميل سميت بس اسٽاپ ۽ مختلف اسٽاپ ۽ پولٽري فارمن تي رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. ميونسپل وارا ڪا به ڪاروائي نٿا ڪن. هوڏانهن اسپتالن مان ويڪسين اڻلڀ آهي.










