رولو ڪتن جو آزار، ميونسپل وارا خاموش، ويڪسين اڻلڀ

وڳڻ/ ٽنڊو محمد خان(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن جيان وڳڻ ۽ ٽنڊو محمد خان م رولو  ڪتن جو  آزار وڌي ويو هي. وڳڻ شهر ۾  ڪاسائي  مرغي توڙي ٻين جانورن جا هڏا ۽ ڇڇڙ روڊ تي اڇلائن ٿا جنهن سبب شهر ۾  رولو ڪتن جو آراز وڌي ويو، شهر ۾ صفائي نه هجڻ ڪري ٻهراڙين توڙي جهنگ مان رولو  ڪتن جا ڪٽڪ شهر ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪت جي ڪري ڪتا ڇتا لڳا پيا آهن ٻارن توڙي وڏن کي ڏاڙهڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن. سياسي  ، سماجي تنظيم جي اڳواڻ گلاب وڳڻ شرف الدين پنهور، سعيد بروهي. فقير قربان مغيري ۽ ٻين  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وڳڻ شهر ۾ ڪوس گهر نه هجڻ ڪري ڪاسائي جانورن جي ڪوس روڊ تي ڪرڻ  لڳا آهن، انتظاميا کي ان جو مستقل حل ڪڍڻ گهرجي. ڪجهھ مهينا اڳ وڳڻ ڀرسان قبول تيوڻو  ۾ ڇتو  ڪاهي پيو هو ۽ پنج ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو  هو. ، جيڪي  بر وقت  وڳڻ ٽائون جي اسپتال ۾  آيا جتي هنن کي  ڪتي جي چڪ جي ويڪسين نه ملي سگهي مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن ريفر ڪيو  ويو هو.*** ٽنڊو محمد خان بلڙي شاھ ڪريم.سترموري آبادگار شگرمل ڪپورموري ملاڪاتيار.علي پور. نائون ميل سميت بس اسٽاپ ۽ مختلف اسٽاپ ۽ پولٽري فارمن تي رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. ميونسپل وارا ڪا به ڪاروائي نٿا ڪن. هوڏانهن اسپتالن مان ويڪسين اڻلڀ آهي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو