ماسڪو: (ويب ڊيسڪ) روس جي راڄڌاني ماسڪو ۾ پهريون ڀيرو روبورٽس جي علامتي شادي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.شادي جي تقريب ماسڪو جي پشڪن لائبريري ۾ ٿي جتي رابرٽ ۽ ميٽلڊا نالي ٻن هيومنائيڊ روبورٽس کي علامتي طور تي زال مڙس قرار ڏنو ويو. تقريب جي ميزباني اريا پينٽيوخينا ڪئي جن جي موجودگي ۾ ٻنهي روبوٽس روايتي انداز ۾ هڪ ٻئي سان گڏ زندگي گذارڻ جا علامتي عهد ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي شادي جي يادگار طور تي بريسليٽس به پارايا.سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيو ۾ روبوٽس تقريب دوران رقص ڪندي ۽ شرڪت ڪندڙن جي ڌيان جو مرڪز بڻجندي به ڏسي سگهجي ٿو. هن منفرد تقريب ٽيڪنالاجي جي حلقن ۽ سوشل ميڊيا صارفين جو ڀرپور ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.منتظمين موجب ٻنهي روبوٽس کي مختلف انساني ڪردارن جي عڪاسي ڪندي تيار ڪيو ويو آهي. رابرٽ کي هڪ آفيس ملازم ۽ بلاگر جي شخصيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ماٽلڊا کي هڪ بيلرينا يعني رقاصه جي انداز ۾ ڊيزائن ڪيو ويو آهي ته جيئن هو انساني روين ۽ ڪردارن جي بهتر نمائندگي ڪري سگهي.روسي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ريا نووستي موجب سموري ملڪ ۾ اهڙي نوعيت جي اها پهرين علامتي تقريب آهي انهي کان اڳ به رابرٽ ۽ ماٽلڊا کي سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل اڪنامڪ فورم ۾ پيش ڪيو ويو هو ،جتي انهن جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊيزائن کي ڪافي موٽ ملي هئي.هاڻ انهن ٻنهي انسان نما روبوٽس جي علامتي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز انٽرنيٽ تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن جڏهن ته مصنوعي ذهانت ۽ روبورٽڪس سان جڙيل ماهرين انهي کي اي آءِ ٽيڪنالاجي جي نمائشي ۽ تخليقي صلاحيتن جو هڪ منفرد اظهار قرار ڏئي رهيا آهن.










