رشي سونڪ برطانيا جو نئون وزيراعظم مقرر

رشي سونڪ برطانيا جو نئون وزيراعظم مقرر

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانيه جي بادشاهه چارلس III رشي سونڪ کي ملڪ جو نئون وزيراعظم مقرر ڪيو.بڪنگهم پيلس تصديق ڪئي آهي ته بادشاهه چارلس III رشي سونڪ کي برطانيه جو نئون وزيراعظم مقرر ڪيو آهي.وزير اعظم مقرر ٿيڻ کان پوءِ ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تي پنهنجي پهرين تقرير ۾ ، رشي سونڪ اڳوڻي وزيراعظم ليسٽرس کي خراج تحسين پيش ڪيو.هن چيو ته برطانيا هن وقت وڏي معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن سبب کيس وزيراعظم جي عهدي لاءِ چونڊيو ويو آهي ته جيئن هو گذريل حڪومت جي غلطين کي درست ڪري سگهي.نئين چونڊيل وزيراعظم چيو ته لز ٽراس تبديلي لاءِ انتھڪ محنت ڪئي پر هن ڪجهه غلطيون ڪيون.رشي سونڪ چيو ته بورس جانسن وزيراعظم جي حيثيت سان جيڪي قدم کنيا ان تي هو هميشه ان جو شڪر گذار رهندو، هاڻي سندس حڪومت کي هر سطح تي ايماندار، پروفيشنل ۽ جوابده نظر ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو