راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، ۽ واسا شهر ۾ پاڻي جي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.خشڪ سالي جي ڪري، ايم ڊي واسا خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فيبروري ۽ مارچ ۾ مينهن نه پيو ته پاڻي جو مسئلو سنگين ٿي ويندو. موسميات کاتي گهٽ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.سليم اشرف چيو آهي ته آبادي ۾ واڌ ۽ تجارتي سرگرمين جي ڪري پاڻي جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، ۽ خشڪ سالي جي ڪري موجود پاڻي جي ورڇ ڏکيو ٿي ويو آهي. هن پاڻي جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ هڪ آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي آهي.










