دريا خان مري ڪرڪٽ ٽورنامينٽ، ٽائيگرز کٽي ويا، جواد جٽ نمايان

دريا خان مري ڪرڪٽ ٽورنامينٽ، ٽائيگرز کٽي ويا، جواد جٽ نمايان

نوشهروفيروز (ڊ ر) درياخان مري ٽائون ڪميٽي انتظاميه پاران چيئرمين عزيز احمد راجپوت جي ياد ۾ سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، دريـاخان مري سـپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل درياخان ٽائيگرس کٽي ورتو، جــواد جٽ ٽورنامينٽ ميچ جو ھـيرو ۽ مين آف دي سيريز قـرار. سـپر ليگ آرگنائيزر عبدالسلام بـزنجو پاران فرسٽ درياخان مري سپر ليگ جي فائنل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ميچ مراد شاھ بخاري گرائونڊ تـي درياخان مري ٽائيگرس ۽ دريا خان مري ايـگلس جي رانديــگرن وچ ۾ ٿي گذريو دريا خان ٽــائــيگرس 67 رنسن تان فائينل ميچ کٽي ورتي فائنل ميچ کٽيندڙ ٽيم کي سپر اسٽار موٽر سائيڪل ۽ رنر ٽيم کي ڪيش انعام ڏنو ويو جــواد جـــٽ کـي مين آف دي مـــيچ قــرار ڏنــو ويو جـــواد جٽ کــي انعامن ۽ ايوارڊن سـان نــوازيو ويو. ٽورنامينٽ ۾ ٽائون چيئرمين رضوان احمد خان، اڳوڻو چيئرمين اصغر راجپوت، عـــلي محمد مبيجو،  مـجاھد مري، فھيم راجپوت ۽ ٻين مھمان خاص طور شرڪت ڪئي جن رانديگرن ۾ انعام ورھايا.

پهنجو تبصرو موڪليو