خيرپور: (ن س) ٽنڊي مستي نيشنل هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو.پوليس موجب حادثي ۾ ڊرائيور سميت 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا، جن مان 3 جي حالت نازڪ آهي. زخمين ۾ عورتون، ٻار ۽ مرد شامل آهن. سڀني زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهو ۽ بچاءُ ٽيمون ڪوچ ۾ ڦاٿل مسافرن کي بچائڻ لاءِ امدادي ڪارروايون ڪري رهيون آهن. حادثي جو اطلاع ملندي ئي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي ٽيم پڻ موقعي تي پهچي وئي. مسافر ڪوچ شڪارپور کان ڪراچي وڃي رهي هئي.










