خيرپور: زهريلو کير پيئڻ سبب عورت ۽ 3 ٻار فوت

خيرپور: زهريلو کير پيئڻ سبب عورت ۽ 3 ٻار فوت

خيرپور (ن س )خيرپور جي پير جوگوٺ ۾ هڪ عورت ۽ ٽي ٻار مبينا طور تي غير محفوظ کير پيئڻ سبب فوت ٿي ويا،اسپتال انتظاميا موجب، عورت ۽ ٽن ٻارن کي ڪالهه تعلقي اسپتال آندو ويو هو،ان حوالي سان متاثرين جي مائٽن پوليس کي بيان ڏنو آهي ته عورت گذريل ڏينهن دڪان تان کير خريد ڪيو، ٻارن کي کارايو ۽ پاڻ به پيتو،پوليس موجب، کير پيئڻ کان پوءِ سڀني ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کان پوءِ انهن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو،هن ڪيس ۾ پوليس جي جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو