حڪمران سنڌو درياءَ جو رخ ريگستان طرف موڙڻ چاهين پيا

حڪمران سنڌو درياءَ جو رخ ريگستان طرف موڙڻ چاهين پيا

ميرپورخاص:(ن س) سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ايس ٽي پي پاران بيداري ريلي, ,ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي تھ سنڌ جي 6 ڪروڙ ماڻھن جي جيئاپي جو واحد وسيلو سنڌو آھي, حڪمران ان جو رخ ريگستان طرف موڙڻ چاھين پيا, اھڙي عمل خلاف لاھور ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪنداسين سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران ميرپورخاص ۾ جاڳرتا جي سلسلي ۾ اسٽيشن چوڪ کان بلديا مارڪيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنھن کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تھ پاڻي زندگيءَ جي بنيادي ضرورت آھي، سنڌ وٽ سنڌو درياءَ کانسواءِ پاڻيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو ناھي، پنجاب ۽ وفاق 6 ڪروڙ سنڌ واسين جي واحد جيئاپي جي وسيلي جو رُخ پنھنجي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ موڙڻ گھرن ٿا. ھن چيو تھ سنڌ کي مستقبل ۾ تباھ ڪندڙ اھڙي منصوبي جي منظوري صدر آصف زرداري ڏني آھي، جڏھن ته بلاول ڀٽو زباني طور ان جي مخالفت ڪري ٿو. جيڪو ھڪ ٻٽو معيار آھي.ھن چيو ته ھي رڳو زراعت جو مسئلو ناھي، اسان واپاري برادريءَ کي به ٻڌايو ٿا تهگ اھي سنڌو درياءَ کي بچائڻ واري تحريڪ کان لاتعلق رھيا ته ھنن کي به بربادي لاءِ تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو حڪمران ڪو الڳ پائپ ھڻي ھنن کي پاڻي ڪونه پھچائيندا. قادر مگسي چيو تھ جيڪو سنڌو جو پاڻي بند ڪري ٿو اھو سنڌ دشمن آھي ۽ جيڪو پاڻي بند ڪرڻ ۾ ساٿ ڏئي ٿو ته اھو غدار آھي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تھ سڄي سنڌ ۾ ڪئنال خلاف سجاڳي پکيڙڻ لاءِ جلسا ۽ ريليون ڪڍي رھيا آھيون، 24 فيبروري تي حيدرآباد ۾ ھڪ وڏو جلسو ڪرڻ کانپوءِ لاھور ۽ اسلام آباد ۾ بھ ميدان سجائينداسين، سنڌ جا ماڻھو ان ڏس ۾ آخري ويڙھ لاءِ تيار رھن.جلسي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي سينيئر وائيس چيئرمين گلزار سومري چيو تھ حڪمران لاھور جي اشرافيا کي سنڌ جو پاڻي سنڌ واسين کان ڦري ڏيڻ چاھين ٿا. ھن چيو تھ سنڌ 77 سالن کان اڳ ئي گھڻو ڪجھ ڀوڳي رھي آھي، حڪمران ان کي ھاڻ وڌيڪ تباھ ڪرڻ چاھين ٿا.ان موقعي تي خطاب ڪندي حيدر شاھاڻي چيو تھ حڪمران سنڌ جي جيئاپي جي وسيلي سنڌو کي مڪمل طور خاموش ڪرڻ چاھين ٿا، پنجاب ھوڏ تان نھ لٿو تھ سنڌ کان پنجاب ويندڙ سمورا رستا بند ڪنداسين. جلسي کي خطاب ڪندي ھوت خان گاڏھي، قادر چنا، حاڪمزادي ٿيٻو ۽ ڪريم ڪيريو چيو تھ ملڪ جا حڪمران ڪئنال ڪڍي سنڌ جي زرعي معيشت سميت شھرن کي بھ تباھ ڪرڻ گھرن ٿا. ھنن چيو تھ سنڌ جي ماڻھن کي اڳ ئي پنڻ جھڙو بڻايو ويو آھي، ھاڻ سنڌ جي واحد جياپي جي وسيلي درياءَ تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي مڪمل بربادي طرف ڌڪڻ جون سازشون رٿيون ويون آھن، جنھن خلاف مزاحمت ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو