حڪمران ايس يو پي جي همدردن کي وفاداريون مٽائڻ لاءِ هيسائين پيا

حڪمران ايس يو پي جي همدردن کي وفاداريون مٽائڻ لاءِ هيسائين پيا

سڪرنڊ (ن س )سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاهه چيو آهي ته سڪرنڊ پوليس طرفان استاد تي تشدد مذمت جوڳو عمل آهي، حڪمران ايس يو پي جي همدردن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ هيسائي رهيا آهن، واقعي جي جاچ ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زين شاهه چيو ته ڪاليج ۾ پڙهائيندڙ صدر الله عرف مهراڻ لنڊ کي نوابشاهه پوليس انتظاميا ناجائز تشدد ڪيو. سندس چوڻ هو ته علائقي جي بااثر جي چوڻ تي سڪرنڊ پوليس ونگار وهندي صدر الله عرف مهراڻ لنڊ خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاهه چيو ته حڪمران ايس يو پي جي همدردن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ هيسائي رهيا آهن، واقعي جي جاچ ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو