حيدرآباد: (ن هه) شادي جي بس ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ هڪ گهوٽ فوت ۽ 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب، ايم-9 موٽر وي تي شادي جي پارٽي جي گاڏي سان ٽڪرائجي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ فوت ٿي ويو جڏهن ته 15 شادي جي مهمان، جن ۾ عورتون به شامل هيون، زخمي ٿي پيا. فوت ٿيل گهوٽ جي سڃاڻپ عبدالله مير بحر جي نالي سان ڪئي وئي آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته شادي جي پارٽي حب کان نوشهرو فيروز وڃي رهي هئي. حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










