حفيظ شيخ وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو

حفيظ شيخ وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڊاڪٽر حفيظ شيخ وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي.حفيظ شيخ جي حلف برداري جي تقريب سادگي  سان ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ صدر عارف علوي کيس وفاقي وزير طور ان جي عهدي جو حلف کڻايو.حفيظ شيخ فنانس ايڊوائزر طور ڪم ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي ان کي ترقي ڏيئي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو ته حفيظ شيخ کي هڪ ڀيرو ٻيهر فنانس جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو