اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڊاڪٽر حفيظ شيخ وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي.حفيظ شيخ جي حلف برداري جي تقريب سادگي سان ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ صدر عارف علوي کيس وفاقي وزير طور ان جي عهدي جو حلف کڻايو.حفيظ شيخ فنانس ايڊوائزر طور ڪم ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي ان کي ترقي ڏيئي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو ته حفيظ شيخ کي هڪ ڀيرو ٻيهر فنانس جو قلمدان ڏنو ويو آهي.










