جيڪب آباد(ڊ ر) پوليس جي وڏي ڪامياب ڪارروائي، ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيندڙ ٻئي مغوي 01 سيد وجاهت علي شاهه عرف پپو شاهه ۽ 02 لياقت علي بازياب، جيڪب آباد پوليس هڪ ٻي وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي اغوا ٿيل ٻنهي شهرين کي بازياب ڪرائي ڇڏيو آهي۔تفصيل موجب ٻه ڏينهن اڳ سيد وجاهت علي شاهه عرف پپو شاهه ۽ لياقت علي کي ٿاڻي مولاداد جي حد مان اغوا ڪيو ويو هو۔پوليس جي مسلسل محنت ۽ انٽيليجنس بنياد تي حاصل ٿيل ڄاڻ جي آڌار تي، اڄ ضلعو شڪارپور جي ٿاڻي جهان واھ سميت شڪي علائقن ۾ جاري پوليس آپريشن دوران ٻنهي مغوين کي پوليس مقابلي کان پوءِ صحيح سلامت بازياب ڪيو ويو۔ مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ بابت خفيه اطلاع ملڻ تي فوري ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڏوهارين کي ٽريس ڪري مغوين کي بخير ڏوهارين جي چنگل مان آزاد ڪرايو ويو۔مغوين جي بازيابي تي سندن وارثن جيڪب آباد پوليس جو شڪريو ادا ڪيو۔ ايس ايس پي جيڪب آباد، ٻنهي مغوين جي بخير بازيابي تي ڊي ايس پي صدر سميت آپريشن ۾ شامل ٻين سڀني ايس ايڇ اوز، سي آءِ اي، اسپيشل پوليس پارٽين ۽ جوانن کي شاباشي ڏني۔










