ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جو اهم مشاورت اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو۔ اجلاس ۾ جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاهه راشدي، جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا عبد القيوم هاليجوي، مولانا راشد محمود سومرو، جي ڊي اي جا ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، سيد زين شاهه، مظهر راهوجو، معظم عباسي، مظفر بروهي جڏهن ته جي يو آءِ جا مولانا عبدالڪريم عابد، قاري عثمان، غلام سرور بليدي، رفيق احمد سومرو، حسين آصفي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا۔ اجلاس ۾ پاڪستان تي رات جي انڌاري ۾ ڀارتي بزدلانه حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، بيگناهه شهرين جي شهادت تي انهن جي بلند درجات، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي حوصلي ۽ جذبي ۾ واڌاري لاءِ دعا ڪئي وئي۔ ان موقعي تي سيد صدرالدين شاهه راشدي ۽ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جا ڪارڪن پاڪ فوج سان گڏ بيٺل هوندا، حر فورس ۽ انصار السلام جا ڪارڪن ملڪ جي سالميت لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھن۔ اڳواڻن ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي 18 مئي تي باغ جناح ڪراچي ۾ ٿيڻ وارو جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته وطن عزيز سڀني لاءِ مقدم آهي، ملڪ هوندو ته اسان به هوندا، تنهن ڪري اسان جلسو ملتوي ڪري پاڪ فوج جي حمايت ۾ بيٺا آهيون۔ سڄي پاڪستاني قوم بزدل ڀارتي فوج آڏو هڪ مضبوط ڀت بڻجي بيهندي.










