اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت جنيوا ۾ ڊونر ڪانفرنس کي پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي مالياتي ادارن ۽ ملڪن جي اظهار يڪجهتي جي تعريف ڪئي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڄي دنيا ڏٺو ته ڪيئن سڄي دنيا انساني بحران ۾ متاثرين جي بحالي لاءِ گڏ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪندي آهي. جنيوا ڪانفرنس ۾ همدردي جي اظهار سان متاثر ٿيو آهيان ۽ اسان گڏجي نئين سري سان تعمير جو ڪم ڪنداسين.ٻئي طرف سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنيوا ڪانفرنس پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ وڏي ڪاميابي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي برادري جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته شفافت سان فنڊز عوام تائين پهچائينداسين ۽ سندن زندگي ۾ تبديلي آڻينداسين. انسانيت ۽ موسمياتي تبديلين کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي عالمي ۽ ملڪي ذريعن جو به ٿورو ادا ڪريون چاهيون ٿا.اطلاعات واري وزير چيو ته اها ڪانفرنس انسانيت جي اجتماعي احساس جي علامت بڻجي آهي. وسيلن جي فراهمي سان ٻوڏ متاثرين جي نئين ۽ بهتر زندگي شروع ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪانفرنس موسمياتي تبديلين جي سنگين اثرن جو دنيا کي احساس ڏياريو آهي.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ صوبن جو ڪيس پيش ڪرڻ ۽ ان جي حمايت ڪندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي شرڪت ڪندڙن جو به ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻوڏ ايندي ئي وزيراعظم سمورن صوبن ۽ ادارن سان گڏجي گڏيل ڪوششون ڪيون. اها اتحادي حڪومت جي گڏيل ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.










