پاڪستان جي سڀني هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن بحال

پاڪستان جي سڀني هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن بحال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت ملڪ جي سڀني هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن فوري طور تي بحال ڪيو ويو آهي. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، سيالڪوٽ هوائي اڏن تي خميس ڏينهن رات 12 وڳي تائين فلائيٽ آپريشن معطل هو، پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي موجب سڀني هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن ايندڙ حڪم تائين بحال ڪيو ويو آهي.  ياد رهي ته ڀارت ۾ هن وقت به 24 هوائي اڏن کي بند ڪري فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويو آهي. جنهن سبب ڀارت ۾ سوين اڏامن جو شيڊول درهم برهم ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو