جعلي ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث گروهه جو اڳواڻ گرفتار

جعلي ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث گروهه جو اڳواڻ گرفتار

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ جعلي پاڪستاني ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث هڪ گروهه جي سرغنه کي گرفتار ڪيو ويو،پوليس اختيارين موجب ڪرائمز برانچ ڪوئيٽا ۾ جوائنٽ روڊ تي ڪارروائي ڪندي جعلي پاڪستاني ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث هڪ گروهه جي اڳواڻ سميع الله نالي هڪ شخص کي جعلي نوٽن سميت گرفتار ڪيو، پوليس جوابدار کان 1000 رپين جي جعلي نوٽن جا ٽي پيڪٽ هٿ ڪيا، جن جي ڪل قيمت 300,000 رپيا آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جعلي نوٽ ڇاپڻ ۾ ٻين جوابدارن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي ۽ پنهنجي ٻين ساٿين جا نالا به ٻڌايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو