اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته تعليم، معيشت ۽ قيادت ۾ عورتن کي اڳتي آڻڻ پوري قوم جي مفاد ۾ آهي.عورتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان عورتن جي حقن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، ۽ عورتن کي برابر حق ۽ موقعا ڏيڻ قومي ترقي لاءِ ضروري آهي.صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جيڪي سماج برابر حق فراهم ڪن ٿا اهي وڌيڪ خوش ۽ پرامن هوندا آهن. اڄ عورتن جي لچڪ ۽ ڪردار کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هر عورت کي برابر حقن ۽ موقعن تائين رسائي ڏيڻ ضروري آهي.هن چيو ته عورتن کي اڃا تائين تشدد ۽ امتياز جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، عورتن جي تحفظ ۽ معاشي آزادي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي، ۽ عورتن کي ڪاروبار ۽ خانگي شعبن ۾ محفوظ ماحول ۽ برابر پگهار ڏني وڃي.










