لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ معاشي ۽ انساني حقن جي صورتحال تي وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ بنيادي سڌارن لاءِ ورڪنگ گروپ ٺاهيا آهن جيڪي معيشت ۽ گورننس بابت سفارشون تيار ڪري رهيا آهن، ماهرن جي تجويزن جي روشني ۾ وائيٽ پيپر جاري ڪيو ويندو.هن چيو ته عمران خان کي مارچ، اپريل ۾ ٿيندڙ چونڊون نظر اچي رهيون آهن، 11 جنوري کان گهڻو اڳ اعتماد جو ووٽ وٺي ويندو، جڏهن ته (ن) ليگ جا ڪجهه ميمبر به رابطي ۾ آهن جن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو.ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب چيو ته هائيبرڊ حڪومت آٽو رڪشا تي هلي رهي آهي، هنن کي رڳو پنهنجن ڪيسن ۾ رليف ڏيڻ ۾ دلچسپي آهي، چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندڙ ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن.هن چيو ته سليمان شهباز کي حفاظتي ضمانت ملي ٿي پر 75 سالن جي اعظم سواتي کي نه ٿي، چور ۽ ڌاڙيلن کي ضمانت ملي ٿي، هو انساني حقن جي صورتحال تي وائيٽ پيپر به جاري ڪندا.










