ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي يونيورسٽين ۾ مقررين بابت يونيورسٽيز ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو آهي.ترميمن کان پوءِ، هاڻي بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر جي عهدي تي به مقرر ڪري سگهجي ٿو.بل موجب، حڪومت وائيس چانسلر جي عهدي لاءِ اميدوارن لاءِ پي ايڇ ڊي جي شرط کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي. بل تحت ايم اي پاس شخص کي به وائيس چانسلر جي عهدي تي مقرر ڪري سگهجي ٿو.سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي يونيورسٽي ترميمي بل جي مخالفت ڪري ڇڏي. ان کان اڳ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ مخالف ڌر جون ترميمون رد ڪيون ويون هيون. ياد رهي ته سنڌ حڪومت پاران يونيورسٽيز ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمن جي ڪري صوبي جي 17 يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل معطل ڪيو ويو آهي. استادن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت يونيورسٽيز ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن کي منظور نه ڪيو آهي ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلر طور بيوروڪريٽس جي مقرري بلڪل ناقابل قبول آهي.










