بلوچستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي انگ ۾ خطرناڪ اضافو

بلوچستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي انگ ۾ خطرناڪ اضافو

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي تعداد ۾ خطرناڪ اضافو ٿيو آهي، هن سال هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جا 16,000 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.بلوچستان ۾ هيپاٽائيٽس سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيو آهي. صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن کي هيپاٽائيٽس لاءِ ‘هاءِ رسڪ ايريا’ قرار ڏنو ويو آهي، جتي صورتحال خاص طور تي پريشان ڪندڙ آهي.صحت جي ماهرن موجب، هيپاٽائيٽس بلوچستان ۾ عوامي صحت لاءِ خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آهي.سال 2024 دوران بلوچستان ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جا ڪل 14,434 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته هن سال جي پهرين ستن مهينن ۾ هاڻي تائين 16,000 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو